پيغام صلح

پيغام صلح

پيغام صلح

پيغام صلح (اخبار): هيءَ هفتيوار سنڌي رنگين اخبار ڳڙهي ياسين مان شايع ٿيندي هئي، جنهن ۾ سياسي،سماجي خبرن کان علاوه مضمون پڻ شايع ٿيندا هئا. هيءَ اخبار 1937ع ڌاري جاري ٿي ۽ ڪيترائي سال پنهنجي عروج سان جاري رهي. هيءَ اخبار رنگين هئي ۽ تصويرن سان ڇپجندي هئي. هن اخبار جو رجسٽرڊ نمبر 5845 هو، هن اخبار جي قيمت 3 آنا هئي ۽ ٻارنهن صفحن تي مشتمل هئي. هن اخبار جو ڇنڇر 10 آگسٽ 1946ع جو پرچو سنڌالاجي ڄام شوري ۾ محفوظ آهي. هيءَ اخبار الهه رکيو ولد جان محمد اوڍي طرفان ياسين پرنٽنگ پريس ڳڙهي ياسين مان شايع ٿيندي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو